خزانة الفقھ

خزانة الفقھ: امام العارفين حضرت سيد محمد راشد روضي ڌڻي قدس سره جي فقهي ارشادات جو مجموعو، جيڪو سندن ملفوظات شريف جي ضخيم ڪتاب مان چونڊي، سوڌي سنواري ۽ فقھ جي معتبر ڪتابن، قرآن ۽ حديث سان ڀيٽي ۽ اختلافي مسائل تي حاصل بحث سان هڪ هنڌ گڏ ڪري، ’خزانة الفقھ‘ جي نالي سان نوجوان ليکڪ حافظ عبدالقيوم مهر سڪندري ترتيب ڏنو آهي. 110 صفحن جو هي ڪتاب ڊيمي سائيز، رنگين ٽائٽل ڪچي جلد ۾ آهي. 60 رپين جي هديه واري هن ڪتاب کي ’سڪندريه اڪيڊمي‘ مدرسه صبغة الاسلام، سوند ٿر، 2008ع/1429هه ۾ شايع ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو